ويسٽ انڊيز کي هارائي ٽاپ پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهيون: ڌوني

پرٿ (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني چيوآهي ته ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ٽاپ پوزيشن برقرار رکنداسين، هن چيو ته سندس ٽيم مڪمل طور فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ ويسٽانڊيز کي پڻ پنهنجي پول بي جي چوٿين ميچ ۾ شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ ناقابل شڪست رهڻ جو اعزاز برقرار رکنداسين. ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ورلڊ ڪپ جي 28هين ميچ ۾ 6 مارچ تي آمهون سامهون ٿينديون، ڀارت جي ٽيم لڳاتار ٽين ميچ کٽي گروپ بي ۾ ٽاپ تي موجود آهي، ويسٽ انڊيز جي ٽيم هن وقت تائين 4 ميچون کيڏيون آهن، جن مان 2 ميچون کٽيون ۽ 2 هارايون آهن، ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ڌوني چيو آهي ته هر ميچ وانگر اسان لاءِ اهو مقابلو به اهم آهي، ڪوشش هوندي ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري گروپ بي ۾ ٽاپ پوزيشن برقراررکون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *