ويسٽ انڊيز خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جي ڪوشش ڪبي: هاشم آمله

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتا ۽ ڀلوڙ بيٽسمين هاشم آمله چيو آهي ته ويسٽ انڊيز خلاف ٽين ٽيسٽ کٽڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش سان ميدان ۾ لهبو، هاشم آمله چيو ته ٽين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻي ٽيسٽ سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪبي. هن چيو ته ٻي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ ٽيم تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر ان مقصد ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي، هن چيوته آخري ٽيسٽ کٽي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائبو، ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ڊرا ٿيڻ بعد ڏکڻ آفريڪا کي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ اڄ شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *