ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 124 رنسن جي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي

CRICKET-CT2013-IND-WISڪوچي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم مارلون سيميولز جي سينچري عيوض ڀارت کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 124 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، ڀارتي ٽيم 321 رنسن جي جبل جيڏي هدف پٺيان لڳندي 41 اوورن ۾ 197 رنسن تي ڍير ٿي وئي، شيکر ڌوان کان سواءِ ڪو به ڀارتي بيٽسمين ڪالي آنڌي جي رانديگرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو. ڀارتي ٽيم جا 6 رانديگر ڊبل فگر ۾ به نه اچي سگهيا. ڪوچي ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ڌوني ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، جيڪا کيس ڳچي ۾ پئجي وئي، ڪالي آنڌي پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن ۾ 321 رنسون ٺاهيون سيميولز ڀارتي بالرن کي ڪٽڪو ڏيندي 126 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي، سندس اننگ ۾ 4 ڇڪا ۽ 11 چوڪا شامل هئا، دنيش رامدين به ڀارتي بالرن کي مزو چکايو ۽ 61 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. ڊيوان سمٿ 46، ڪپتان ڊيوائن براوو 17، ڊيرن براوو 28 ۽ ڊيرن سيمي 10 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ڀارت طرفان محمد شامي 4، روندا جديجا ۽ اميت مشرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 41 اوورن ۾ 197 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽي وئي، شيکر ڌوان 68 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *