ويسٽ انڊيز جي اسپنر سنيل نارائڻ جو بالنگ ايڪشن ڪليئر قرار

جميڪا(اسپورٽس نيوز)ويسٽ انڊيز جي اسپنر سنيل نارائڻ جو بالنگ ايڪشن ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي جنهن کانپوءِ هن لاءِ عالمي ڪرڪيٽ جا دروازا هڪ ڀيرو ٻيهر کلي ويا آهن، سنيل نارائڻ گذريل هفتي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي منظور ڪيل چنائي جي ليبارٽري ۾ بالنگ ايڪشن جي بائيو مڪينڪ ٽيسٽ ڪرائي هئي ٽيسٽ رپورٽ مطابق بالنگ ڪرائڻ وقت سنيل نارائڻ جي ٻانهن جو موڙ 15 ڊگري جي قانوني حد ۾ اچي ويو آهي سنيل نارائڻ بالنگ ايڪشن جي رپورٽ بي سي سي آءِ جي شڪي بالنگ ايڪشن جي حوالي سان قائم ڪميٽي کي جمع ڪرائي ڇڏي جنهن رپورٽ کي قبول ڪندي ان کي آءِ پي ايل ۾ بالنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *