ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي هٿن ۾ هٿ ڏئي وطن واپسي

ممبئي(شوبز نيوز)آسٽريليا سان سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ شوقينن جي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻجندڙ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۽ اداڪاره انوشڪا شرما هڪ ٻئي جا هٿ پڪڙي ڀارت پهچي ويا سيمي فائنل ۾ ويرات ڪوهلي جي بدترين ڪارڪردگي تي ڀارتي ڪرڪيٽ شوقينن طفان نه صرف انهن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر اداڪاره انوشڪار شرما کي ته شوقينن شڪست جو ذميوار به قرار ڏنو جڏهن ته انهن سمورين ڳالهين کانپوءِ ٻئي لڪي لڪي الڳ واپسي بجاءِ گڏجي وطن واپس پهتا آسٽريليا کان وطن واپسي تي ويرات ڪوهل ي۽ انوشڪا شرما گڏجي ممبئي ايئرپورٽ تي نظر آيا جڏهن ته اتي موجود صحافين جي وڏي تعداد ٻنهي شخصيتن کي گهيري ورتو ۽ سوال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، پر ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا انهن جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان معذرت ظاهر ڪئي جڏهن ته ان دوران هڪ حيرت انگيز ڳالهه اها به ڏسڻ ۾ آئي ته ويرات ڪوهلي ان دوران انوشڪا شرما جو هٿ پڪڙي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *