وهاب رياض جي محنت ضايع، پاڪستان کي ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست، آسٽريليا سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني رانديگرن بيٽنگ کانپوءِ فيلڊنگ جي شعبي ۾ به خراب ڪارڪردگي ڏيکاري پاڪستاني ٽيم کي سيمي فائنل تائين رسائي کان محروم ڪري ڇڏيو پاڪستاني فيلڊر نه صرف رنس روڪڻ ۾ ناڪام رهيا پر ڪيترائي ڪيچ ڇڏي بالرن جي محنت تي پاڻي هاري ڇڏيو، آسٽريلي طرفان ڊيوڊ وارنر ۽ ايرون فنچ اننگز جي شروعات ڪئي، وارنر پراعتماد شاٽس کيڏندي پاڪستاني بالرن تي پنهنجوڌاڪو ڄ۾ايو جڏهن ته سهيل خان جي ٻئين ئي اوور ۾ ايرون فنچ ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو ان کانپوءِ اسٽيون سمٿ آيو جنهن ڊيوڊ وارنر جو ڀرپور ساٿ ڏيندي ٽيم جي اسڪور ۾ اضافو ڪيو، جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم جو اسڪور اڃان 49 رنسن تي ئي پهتو هو ته ڊيوڊ وارنر هڪ اونچي شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ۾ وهاب رياض جي بال تي راحت علي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، ڊيوڊ وارنر 3 چوڪن جي مدد سان 24 رنسن جي اننگز کيڏي، ان کانپوءِ آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ آيو ۽ ڪجهه ئي دير ۾ پويلين واپس هليو ويو مائيڪل ڪلارڪ صرف 8 رنس ٺاهي سگهيو، ميچ جي صورتحال ان وقت دلچسپ ٿي وئي جڏهن وهاب رياض جي بال تي راحت علي شين واٽسن جو ڪيچ ڊراپ ڪيو جنهن سبب پاڪستان هڪ اهم وڪيٽ کان محروم رهجي ويو  اسٽيون سمٿ ۽ شيون واٽسن گڏجي پاڪستان خلاف وڏي پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ پنهنجي ٽيم کي هدف جي ويجهو پهچايو جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم جو اسڪور اڃان 148 رنسن تي ئي پهتو هو ته اسٽيون سمٿ آئوٽ ٿي ويو هن کي 65 رنسن جي انفرادي اسڪور تي احسان عادل ايل بي ڊبليو ڪيو ان کانپوءِ ايندڙ رانديگر گلين ميڪسويل کي به پاڪستاني فيلڊرن کيڏن جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو وهاب رياض جي ئي بال تي سهيل خان ان جو آسان ڪيچ ڊراپ ڪري ميچ تي پاڪستاني ٽيم جي گرفت ڪمزور ڪري ڇڏي گلين ميڪسويل موقعي جو ڀرپور فائدو وٺندي پاڪستاني بالرن جي سڍي خاطر توازهه ڪئي ۽ پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ايئن آسٽرليا جي ٽيم پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ ۾ ان جو سفر ختم ڪري ڇڏيو آسٽريلوي ٽيم مقرر هدف 33.5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪيو شين واٽسن 64 جڏهن ته گلين ميڪسويل 44 رنسن جي جاندار اننگز کيڏي پاڪستان طرفان وهاب رياض 2 جڏهن ته سهيل خان ۽ احسان عادل هڪ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. جڏهن ته ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي جوش هيزل ووڊ کي مين آف دي ميچ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *