ون ڊي سيريز کان پهريان وارم اپ ميچ ۾ شڪست ٽيم لاءِ وارننگ آهي: محمد حفيظ

شير بنگلا (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني اوپنر محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته ون ڊي سيريز کان پهريان وارم اپ ميچ ۾ شڪست ٽيم لاءِ وارننگ آهي. حفيظ جو وڌيڪ چوڻ هو ته بنگلاديش بورڊ اليون خلاف وارم اپ ميچ کٽڻ لاءِاسان گھڻئي ڪوششون ڪيون ۽ آخري اوور تائين مقابلو ڪيو، پر  اسان هڪ وڪيٽ تان شڪست کان بچي نه سگھياسين، هن جو چوڻ هو ته اسان کي ون ڊي سيريز ۾ فتح لاءِ تمام گھڻي محنت ڪرڻي پوندي. خاص طور بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ بهتري آڻڻ کان سواءِ بنگال ٽائيگرز کي قابو نه ٿو ڪري سگھجي. محمد حفيظ چيو ته هو سينچري مڪمل ڪري پي سگھيس پر مون نوجوان رانديگرن کي چانس ڏيڻ لاءِ جارحاڻو انداز اپنايو، هن چيو ته جيڪڏهن مان آئوٽ نه به ٿيا ها ته رٽائر ٿي وڃا ها، جيئن واحد وارم اپ ميچ ۾ ٻين رانديگرن کي به پريڪٽس جو موقعو ملي سگھي، پر نوجوانن ان موقعي مان فائدو نه وٺي سگھيا، مون کي اميد آهي ته هنن ناڪاميءَ مان به سگھيو هوندو. ٽِن ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي ۾ هنن کي وڌيڪ بهتر پرفارم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وارم اپ ميچ ۾ صابر رحمان کي ڪيترائي موقعا مليا، جنهن کان پوءِ هو سينچري ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو. ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ان قسم جي غلطي تمام مهانگي پئجي سگھي ٿي. محمد حفيظ چيو ته اسان جا گھڻا رانديگر ناتجربيڪار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *