ون ڊي جي تازي رينڪنگ جاري، سعيد اجمل پهرئين تي برقرار

دبئي(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل مرحلي تائين پهچڻ تي ون ڊي جي تازي رينڪنگ جاري ڪئي وئي بيٽنگ جي ٽاپ پوزيشنز ۾ ته فرق نه پيو ڪپتان مصباح الحق به 13 هين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي پنهنجي شاندار بيٽنگ سان 2 يادگار ڪاميابيون ڏيارڻ پر ڪوارٽر فائنل ۾ رسائي ڏياريندڙ سرفراز احمد کي صرف 2 درجه ترقي ملي جنهن سبب هو 24 هين نمبر جو بيٽسمين بڻجي ويو بالنگ ۾ سعيد  اجمل جي ٽاپ پوزيشن تي جادوگري برقرار آهي، محمد عرفان به 2 درجا مٿي اچي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *