وسيم اڪرم ٽنڊولڪر جي پٽ کي بالنگ جا گر سيکاريا

ممبئي(اسپورٽس نيوز): سوئنگ بالنگ جو شهنشاهه وسيم اڪرم سچن ٽنڊولڪر جي پٽ ارجن ٽنڊولڪر کي بالنگ جا گر  سکائڻ لڳو. ممبئي جي ويڪهنڊي اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ليجنڊ وسيم اڪرم ارجن ٽنڊولڪر کي بالنگ جا نوان ٽپس ڏنا. ان جو چوڻ هو ته 15 سال جي ارجن ليفٽ آرم ميڊيم پيس بالر آهي، هن جي اندر جوش ۽ جنون به آهي، ان موقعي تي  لٽل ماسٽر سچن ٽنڊولڪر به موجود هو، سوئنگ جو بادشاهه وسيم اڪرم شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيٽر جو بالنگ ڪوچ به آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *