ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ دنيا جا خطرناڪ ترين بالر موجود

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي وڏي ميلي ۾ بيٽسمينن ۽ بالرن جي جنگ هميشه ڪرڪيٽ جي سونهن کي اجاڳر ڪندي رهي آهي، ورلڊ ڪپ 2015 ۾ به اها جنگ لڳڻ واري آهي، ايندڙ ورلڊڪپ ۾ جتي ڀلا بيٽسمين شامل آهن، اتي دنيا جا خطرناڪ ترين بالر به موجود آهن، جيڪڏهن بالرن جو ذڪر ڪجي ته پاڪستاني بالر محمد عرفان، ڊيل اسٽين، مورني مورڪل، مچل جانسن، ٽرينٽ بولٽ، ٽم سائوٿي، لتيش ملنگا، جيمز اينڊرسن خطرناڪ بالرن ۾ ليکيا ويندا آهن، جيڪي بيٽسمينن کي آئوٽ ڪرڻ سميت بائونسر ڪرائي دٻاءَ وجهڻ جي ڀرپور صلاحيتون پڻ رکن ٿا. ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ خطرناڪ بالرن ۾ جوئيل گارنر، ميلڪم مارشل، ڊينس للي، عمران خان، وسيم اڪرم، ڪپيل ديو، وقاريونس، ايلن ڊونلڊ، گلين مڪگرا، بريٽ لي، رچرڊ هيڊلي، شعيب اختر جهڙا بالر شامل رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *