ورلڊ ڪپ 2015ع جي شروعات وارم اپ ميچن جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ 2015ع جي وارم اپ ميچن جي شروعات (سڀاڻي) کان ٿيندي. پهرين وارم اپ ميچ ۾ ميزبان آسٽريليا ۽ دفاعي چيمپئن ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. 9 فيبروري تي چار وارم اپ ميچون کيڏيون وينديون جنهن ۾ پاڪستان ٽيم سڊني ۾ بنگلاديش سان مقابلو ڪندي. نيوزيلينڊ ۽ زمبابوي جي وچ ۾ مئچ لنڪن ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ڪرائسٽ چرچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ميچ سڊني ۾ کيڏي ويندي. 10 فيبروري تي پهرين ميچ ۾ افغانستنا ۽ ڀارت جون ٽيمون ايڊيليڊ اوول ۾ آمهون سامهون ٿينديون جڏهن ته انهيءَ ڏينهن ٻيو وارم اپ ميچ آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ سڊني ۾ کيڏيو ويندو ۽ پاڪستان پنهنجو ٻيو وارم اپ ميچ 11 فيبروريءَ تي انگلينڊ جي خلاف کيڏندو، انهيءَ ڏينهن ٻي ميچ ۾ آسٽريليا ۽ يو اَي اي جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، ٽيون ميچ سريلنڪا ۽ زمبابوي جي وچ ۾ کيڏيو ويندو. چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. 12 فيبروري تي پهرين ميچ بنگلاديش ۽ آئرلينڊ جي وچ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ميچ اسڪاٽ لينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. 13 فيبروريءَ ۾ آخري وارم اپ ميچ افغانستان ۽ يو اَي اي جي وچ ۾ کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *