ورلڊ ڪپ 2015ع، ڀارت آئرلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

هيملٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي گروپ بي جي ميچ ۾ ڀارت آئرلينڊ کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو نيوزيلينڊ جي سڊن پارڪ هيملٽن ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم ڀارت خلاف 49 هين اوور ۾ 259 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آئرش اوپنر ٽيم کي 89 رنسن جي سٺي شروعات فراهم ڪئي پر ان کانپوءِ آئرلينڊ جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون ۽ نائل اوبرائن کان علاوه ڪوبه بيٽسمين ڀارتي بالرن جو ڄمي مقابلو نه ڪري سگهيو نائل اوبرائن 75 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته وليم پورٽر فيلڊ 67، پول اسٽرلنگ 42 ۽ اينڊريو بيلبرائن 24 رنسن جي اننگز کيڏي ڀارت طرفان محمد شامي 3، روي چندرن اشون 2 جڏهن ته اميش يادو، سريش رائنا، موهت شرما ۽ رويندرا جڊيجا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي ڀارت 260 رنسن جو هدف 37 هين اوور ۾ آساني سان 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو هدف جو پيڇو ڪندي ڀارتي اوپنرز روهت شرما ۽ شکر ڌون جارحاڻي بيٽنگ ڪئي ۽ ڪنهن به آئرش بالر کي کاتي ۾ نه آڻي 174 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي روهت شرما 66 بالن ۾ 64 رنسن جي اننگز کيڏي اسٽوئرٽ ٿومسن جي بال تي بولڊ ٿيو جڏهن ته شکر ڌون جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ ڪندي ورلڊ ڪپ جي ٻئين سينچري اسڪور ڪئي ۽ 85 بالن ۾ 100 رنسون ٺاهي ٿومسن ئي جي بال  تي ڪيچ آئوٽ ٿيو ڀارت جي ٻنهي اوپنرن جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ويرات ڪوهلي ۽ اجنڪيا رهاني ٽيم جي اسڪور کي اڳتي وڌايو ۽ 37 هين اوور ۾ ٽيم کي ڪاميابي تائين پهچايو، ويرات ڪوهلي 44 ۽ اجنڪيا رهاني 33 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، بهترين بيٽنگ تي شکر ڌون کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *