ورلڊ ڪپ 14 فيبروري ”ويلنٽائن ڊي” کان آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ گڏ شروع ٿيندو

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 14 فيبروري تي محبت جي عالمي ڏينهن ”ويلنٽائن ڊي” کان آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ گڏ شروع ٿيندو، ڪرڪيٽ جي شوقينن تي ڪرڪيٽ جي ان وڏي ايونٽ جو سحر طاري ٿي ويو. ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ پول اي جي ٽيمن ميزبان نيوزي لينڊ ۽ سري لنڪا وچ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي. ڪرڪيٽ جي روايتي حريفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي وڏي ميچ 15 فيبروري تي کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪندي. ايونٽ شروع ٿيڻ ۾ 9 ڏينهن بچيا آهن. ڀارت 2011ع ۾ منعقد ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ سري لنڪا کي شڪست ڏئي ٻيون ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. 2015ع ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽندڙ ٽيم کي آءِ سي سي 48 لک ڊالر جي انعامي رقم ڏيندي. ميگا ايونٽ ۾ آسٽريليا 26 ۽ نيوزي لينڊ 23 ميچن جي ميزباني ڪندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *