ورلڊ ڪپ ۾ گروپ اي جي هڪ ميچ ۾ بنگلايش افغانستان کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ ۾ گروپ اي جي هڪ ميچ ۾ بنگلايش افغانستان کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي ڪينبرا ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ بنگلاديش افغانستان کي ڪاميابي لاءِ 268 رنسن جو هدف ڏنو جواب ۾ افغان ٽيم 42.5 اوورن ۾ 162 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو اوپنر انعام الحق ۽ تميم اقبال 47 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي تميم اقبال 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وي، جلد ئي بنگلاديش کي هڪ ٻيو نقصان کڻڻو پيو انعام الحق 29 رنسون ٺاهي پويلين جي راهه ورتي، سوميا سرڪار ۽ محمود الله ٽئين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 50 رنسون ٺاهي ٽيم جي پوزيشن کي ڪنهن حد تائين مستحڪم ڪيو ان موقعي تي سومر 28 رنسون ٺاهي ايل بي ڊبليو ٿيو محمود الله گهڻي دير نه بيهي سگهيو ۽ 23 رنسون ٺاهي پويليون واپس هليو ويو شڪيب الحسن ۽ مشفق الرحيم پنجين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ 114 رنسون ٺاهي ٽيم کي مشڪلات مان ڪڍيو ۽ مجموعي اسڪور 233 رنسن تائين پهچايو شڪيب الحسن 63  ۽ مشفق الرحيم 71 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ايئن بنگلاديش جي پوري ٽيم قرر 50 اوورن ۾ 267 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي افغانستان طرفان حامد حسن، شاپور زادران، آفتاب عالم ۽ اشرف 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، 268 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ افغانستان جي بيٽنگ جي شروعات تباهه ڪندڙ رهي ۽ صرف 3 رنسن تي 3 رانديگر ائوٽ ٿي وئي افغانستان طرفان سميع الله شنواري 42، محمد نبي 44 ۽ نوروز مينگل 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا مشرفي مرتضيٰ 3 ۽ شڪيب الحسن 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *