ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ هٿان اسڪاٽلينڊ کي 119 رنسن تان شڪست

ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ 2015 ۾ گروپ اي جي ميچ ۾ اگنلينڊ اسڪاٽلينڊ کي 119 رنسن تائين شڪست ڏئي ڇڏي آهي انگلش ٽيم اسڪاٽلينڊ کي کٽڻ لاءِ 304 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پوري ٽيم 184 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، انگلينڊ جي ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڪامياب ۾ آل رائونڊر معين علي اهم ڪردار ادا ڪيو هن 128 رنسن جي شاندار اننگ سان گڏ 2 وڪيٽون به حاصل ڪيون ميچ ۾ اسڪاٽلينڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت نه ٿيو، انگلش ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 303 رنسون ٺاهيون انگلينڊ جي اوپنر اين بيل ۽ معين علي ٽيم کي 172 رنسون ٺاهي ڏنيون پهرين وڪيٽ اين بيل جي ڪري جيڪو 31 هين اوور ۾ 54 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ان کان پوءِ ته وڪيٽون ڪرنديون رهيون 204 تي چار رانديگر پويلين واپس هليا ويا هئا ان موقعي تي مورگن 46 رنسن جي ذميواراڻي اننگ کيڏي انگلينڊ جو اسڪور 303 رنسن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اسڪاٽلينڊ طرفان ڊيوي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *