ورلڊ ڪپ ڪوارٽر فائنل مرحلي جي پهرين ميچ ۾ سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا مهاڏو اٽڪائيندا

سڊني(شوبز نيوز)ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل مرحلي جي پهرين ميچ ۾ سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا ۽ سرلينڪا جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون آسٽريليا جي سڊن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ پاڪستاني وقت مطابق صبح ساڍي 8 وڳي شروع ٿيندي ٻئي ٽيمون پنهنجي پنهنجي پول ميچز ۾ 4، 4 ميچون کٽڻ ۾ ڪامياب رهيون ۽ رن ريٽ جي حساب سان ڏکڻ آفريڪا کي سريلنڪن ٽيم تي برتري حاصل آهي، پول اي ۾ شامل سريلنڪن ٽيم 6 مان 4 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري 0.371 نيٽ رن ريٽ سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته پول بي ۾ ڏکڻ آفريڪا به 4 ميچون کٽي سگهي پر 8 پوائنٽن سان پنهنجي پول ۾ نيٽ رن ريٽ 1.707 حاصل ڪري ٻئين نمب رتي رهي ۽ ايئن پروٽيز کي رن ريٽ جي حوالي سان سريلنڪن ٽيم تي برتري حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *