ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2015ع جو پهروين وڏو اپ سيٽ: آئرلينڊ ويسٽ انڊيز کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏني

نيلسن (اسپورٽس نيوز)آئرلينڊ ويسٽ انڊيز کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2015ع جو پهريون وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو، آئرلينڊ ٽيم، ويسٽ انڊي جو 305 رنسن جو حدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، پاڪ اسٽريلنگ کي بهترين ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، پال اسٽريلنگ 92 ، ايڊ جوش 84 ۽ نيل اوبرائن 79 رنسون ٺاهيون، ويسٽ انڊيز جي لينڊل سيمنز جي سينچري ضايع ٿي وئي، ويسٽ انڊيز ٽيم کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 304 رنسون ٺاهيون، آئرلينڊ جي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 305 رنسن جو هدف مليو، جيڪو آئرلينڊ جي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، پال اسٽريلنگ کي راند ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *