ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ فيلڊ ۽ ٿرڊ امپائر جي ڳالهه ٻولهه هاڻ پوري دنيا ٻڌندي

دبئي(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ ڪوارٽر فائنل جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ڪنهن به فيصلي تي فيلڊ امپائر جي ٿرڊ امپائر سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه آن ايئر ڪئي ويندي جنهن کي پوري دنيا ٻڌندي، آءِ سي سي طرفان جاري اعلامئي مطابق فيلڊ ۽ ٿرڊ امپائر جي ڳالهه ٻولهه جو گذريل سال آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز ۾ تجربو ڪيو ويو هو جنهن تي هاڻ ورلڊ ڪپ جي آخري 7 ميچن ۾ به عملدرآمد ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به فيصلي تي فيلڊ ۽ ٿرڊ امپائر وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه آن ائير ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *