ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ (اڄ) وڌيڪ 2 وارم اپ ميچون کيڏيون وينديون

سڊني(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ (اڄ) خميس تي وڌيڪ 2 ميچون کيڏيون وينديون. ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ ۾ 2 ڏينهن وڃي بچيا آهن ۽ ٽيمون ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهن ۽ ان سلسلي ۾ (اڄ) وڌيڪ 2 ميچون کيڏيون وينديون. سڊني واري هنڌ بنگلاديش جي ٽيم آئر لينڊ جو پاڻي ڪڇيندي، ٻنهي ٽيمن کي پهرين وارم اپ ميچن ۾ شڪست کائڻي پئي هئي. بنگال ٽائيگرز کي گرين شرٽس هٿان جڏهن ته آئرش ٽيم کي اسڪاٽ لينڊ هٿان شڪست ملي هئي. ٻئين ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ جو مقابلو ويسٽ انڊيز سان ٿيندو. اسڪاٽش ٽيم هڪ ميچ کٽي چڪي آهي جڏهن ته ڪاري آنڌي کي انگلش ٽيم هٿان پهرين ميچ ۾ شڪست ملي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *