ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ پينٽينگيولر ڪپ مددگار ثابت ٿيندو: سهيل تنوير

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽر سهيل تنوير چيو آهي ته هو ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم ۾ شموليت لاءِ پراميد آهي، ۾ پينٽينگيولر ڪپ لاءِ بگ بيش ليگ ڇڏي ڏني آهي، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائينديهن چيو ته ورلڊ ڪپ جي تياري ۾ پينٽينگيولر ڪپ مددگار ثابت ٿيندو، هو ميگا ايونٽ ۾ ٽيم ۾ شموليت لاءِ پراميد آهي انهي ڪري بگ بيش ليگ به ڇڏي ڏني آهي، هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا خلاف آخري سيريز ۾ شارٽ سليڪشن غطل هئي جنهن تي هو آئوٽ ٿيو سموري سيريز ۾ سٺو پرفارم ڪيو، آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي پچز تي قومي ٽيم جا فاسٽ بالرز مايوس نه ڪندا، هن چيو ته ملڪ ۾ گهڻي عزت ملي آهي ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي تنقيد به ڪندا آهن پر ڪرڪيٽ جي حيثيت سان اسان کي دل وڏي ڪرڻ جي ضرورت آهي، ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم ۾ شموليت لاءِ پراميد آهيان

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *