ورلڊڪپ جي تياري، قومي ٽيم جو ڪنڊيٽنگ ڪيمپ قذافي اسٽيڊيم ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ شروع ٿي ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) ورلڊڪپ جي تياري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪنڊيٽنگ ڪيمپ اڱاري ڏينهن کان قذافي اسٽيديم ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ شروع ٿي ويو آهي. ڪيمپ ۾ سمورن رانديگرن رپورٽ ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڪپتان مصباح الحق، احمد شهزاد، محمد حفيظ، سرفراز احمد، يونس خان، حارث سهيل، عمر اڪمل، صهيب مقصود، شاهد آفريدي، ياسر شاهه، محمد عرفان، جنيد خان، احسان عادل، سهيل خان ۽ وهاب رياض شامل آهن. ڪيمپ جي نگراني هيڊ ڪوچ وقار يونس ۽ ٽيم مينيجر نويد اڪرم چيما ڪري رهيا آهن. جي ايم ميڊيا آغا اڪبر موجب ڪيمپ جي شروعات ساڍي اٺين ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *