وارم اپ ميچ ۾ پاڪستان هٿان انگلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست

سڊني(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ وارم اپ ميچ م پاڪستان انگلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آسٽريليا جي سڊني ڪرڪيٽ گرائوند ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته معين علي کي ٻئين ئي اوور ۾ احسان عادل آئوٽ ڪري ڇڏيو جڏهن ته اليڪس هيلز کي شاهد آفريدي 69 رنسن جي مجموعي اسڪول تي ائوٽ ڪيو ياسر شاهه 29 هين اوور ۾ گيري بيلنس ۽ ايئون مورگن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته 157 رنسن جي مجموعي اسڪور تي روي بوپارا به ياسر شاهه جو ٽيون شڪار بڻيو، جوز بٽلر ۽ جو روٽ کي سهيل خان پويلين جو رستو ڏيکاريو جڏهن ته هڪ وڪيٽ وهاب رياض جي حصي ۾ آئي، انگلينڊ طرفان جو روٽ 85 ۽ گيري بيلنس 57 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ايلڪس هيلز ۽ ڪرس جورڊن ٽيم جي مجموعي اسڪور ۾ 31، 31 رنسن جو اضافو ڪيو، انگلينڊ 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 250 رنسون ٺاهيون 251 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي نه هئي صرف 10 جي مجموعي اسڪور تي ٻئي اوپنر پويلين واپس هليا ويا هئا ناصر جمشيد هڪ جڏهن ته احمد شهزاد  2 رنسون ٺاهيون، ان موقعي تي يونس خان ۽ حارث سهيل پاڪستان جي اننگز کي اڳتي وڌائڻ جو عزم ڪيو پر 43 جي اسڪور تي يونس خان آئوٽ ٿي ويو، هن 19 رنسون ٺاهيون، حارث سهيل ۽ ڪپتان مصباح الحق اڃان اسڪور کي 78 رنسن تي پهچايو هو ته پاڪستان کي حارث سهيل جي شڪل ۾ چوٿون نقصان کڻڻو پيو،  ان موقعي تي عمر اڪمل مصباح الحق سان گڏجي نه صرف پاڪستان جي اننگز کي مستحڪم ڪيو پر ان کي ڪاميابي جي سفر تي به گامزن ڪري ڇڏيو، ٻنهي رانديگرن پنجين وڪيٽ جي پارٽنرشپ ۾ مجموعي اسڪور 211 تائين پهچائي ڇڏيو، ان دوران ٻنهي رانديگرن پنهنجون هاف سينچريون اسڪور ڪيون، قومي ٽيم کي منزل جي راهه ڏيکاريندڙ عمر اڪمل آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ صهيب مقصود ميدان ۾ آيو جنهن گرائونڊ جي چوطرف شارٽ کيڏي مصباح تي آيل دٻاءُ کي گهٽ ڪيو، صهيب مقصود 12 بالن تي 20 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پويلين واپس هليو ويو، جنهن کانپوءِ شاهد آفريدي 2 چوڪا هڻي ٽيم کي ڪامياب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *