وارم اپ ميچ ۾ افغانستان هٿان يو اي اي کي شڪست

ميلبورن(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ وارم اپ ميچ ۾ افغانستان گڏيل عرب امارتن کي 14 رنسن تان هارائي ڇڏيو ميلبورن ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهيون سميع الله شنواري 58 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيو جڏهن ته نجيب الله زادران 46، مير واعث اشرف 34، اصغر سانڪزئي 33 ۽ ڪپتان محمد نبي 30 رنسون ٺاهي سگهيا، گڏيل عرب امارتن طرفان امجد جاويد 4 جڏهن ته محمد نويد ۽ ڪرشنا چندرن 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، گڏيل عرب امارتن جي ٽيم 309 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ 49 هين اوور ۾ 294 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي خرم خان جون 86 رنسون  به ڪاميابي نه ڏياري سگهيون ۽ افغانستان ميچ 14 رنسن تان کٽي ورتي، افغانستان طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ آفتاب عالم هو جنهن 3 رانديگر آئوٽ ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *