دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ايندڙ سال شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچن جي شيڊول جو اعلان ڪريڇڏيو آهي. وارم اپ ميچون 8 فيبروري کان وٺي 13 فيبروري تائين جاري رهنديون ۽ ڪل 14 ميچون کيڏيون وينديون. وارم ميچون سڊني، ايڊيليڊ، ميلبورن ۽ ڪرائسٽ چرچ گرائونڊن تي کيڏيون وينديون، جنهن جي پهرين ميچ 8 فيبروري تي هندستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايڊيليڊ اوول جي گرائونڊ تي کيڏي ويندي. جڏهن ته 9 فيبروري تي چار ميچ ڏکڻ آفريڪا- سريلنڪا، نيوزيلينڊ- زمبابوي، انگلينڊ- ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش-پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيا ويندا. 10 فيبروري تي آئرلينڊ- اسڪاٽلينڊ ۽ ڀارت – افغانستان آمهون سامهون ٿيندا، 11فيبروري تي نيوزلينڊ– ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا – زمبابوي، آسٽريليا – گڏيل عرب امارت ۽ پاڪستان– انگلينڊ آمهون سامهون ٿيندا. 12 تي نيوزيلينڊ–اسڪاٽلينڊ ۽ آئرلينڊ–بنگلادش ۾ کيڏندا، جڏهن آخري 13 تاريخ تي افغانستان ۽ گڏيل عرب امارتن جو ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون