هڪ ڏينهن ڌوني پنڻ تي مجبور ٿي ويندو: يوگراج سنگهه

نئين دلي(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽر يووراج سنگهه جي والد يوگراج سنگهه  جي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني خلاف ڪاوڙ گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي ۽ هن ڌوني کي رامائڻ جو راوڻ قرار ڏئي ڇڏيو  آهي يوگراج ڀارتي ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي چيو ته ڌوني ڪجهه نه هو پر ميڊيا سبب هو ڪرڪيٽ جو خدا بڻجي چڪو آحي، ميڊيا ان کي عظيم رانديگر جو تاج پارائي ڇڏيو آهي پر هو هرگز ان جي مستحق نه هو هڪ وقت هو جڏهن ان وٽ ڪجهه نه هو پر اڄ ميڊيا جي سامهون ويهي ميڊيا جي نمائندن تي ٺٺول ڪري ٿو هو ان ميڊيا تي کلي ٿو جنهن ان کي ايتري شهرت ڏني ۽ ان عوام تي کلي ٿو جنهن ان جي رنسون ٺاهڻ تي تاڙيون وڃايون سچ پڇو ته جيڪڏهن مان ميڊيا جو نمائندو هجان ها ته ڌوني جي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍان ها. يووراج جي والد وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن ايندو جڏهن ڌوني ڪنگلو ٿي ويندو ۽ پنڻ تي مجبور ٿي ويندو پر ان وقت ان کي ڪوبه پڇڻ وارو نه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *