نيوزي لينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) 11 هون آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پڄاڻي طرف وک وڌائي رهيو آهي. ميگا ايونٽ جي چوٿين ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ميچ نيوزي لينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ (اڄ) ڇنڇر تي ويسٽ پيڪ اسٽيڊيم ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ مصنوعي روشنين ۾ پاڪستان جي معياري وقت مطابق صبح جو 6 وڳي شروع ٿيندي. نيوزي لينڊ پول اي ۾ پهرين ۽ ويسٽ انڊيز پول بي ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آهي تنهن ڪري جيڪڏهن دنگل برسات جي نذر ٿي ويو ته ڪيويز ميدان ماري وٺندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *