نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف سيريز لاءِ (اڄ) ڇنڇر تي دبئي پهچندي

دبئي(اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف سيريز لاءِ (اڄ) ڇنڇر تي دبئي پهچندي. ڪيوي ٽيم پنهنجي دوري دوران ٽي ٽيسٽ، 2 ٽي-20 ۽ پنج ون ڊي ميچون کيڏندي. سيريز جي شيڊيول مطابق نيوزي لينڊ ۽ پاڪستان اي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ 3 نومبر کان شارجه ۾ شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 9 نومبر کان شيخ زيد اسٽيڊيم دبئي ۾ شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻئين ٽيسٽ 17 نومبر کان دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 0026 نومبر کان شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي-20 ميچ 4 ڊشمبر تي دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم جڏهن ته ٻئين ۽ آخري ٽي-20 ميچ 5 ڊسمبر تي دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ ئي کيڏي ويندي. ان کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊ: ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 8 ڊسمبر تي دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻئين ون ڊي ميچ 12 ڊسمبر تي شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 14 ڊسمبر تي شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ميچ 17 ڊسمبر تي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 19 ڊسمبر تي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي-20 ۽ ون ڊي سيريز جون سڀئي ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *