نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ برسات سبب ڊرا

هملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ برسات سبب ڊرا ٿي وئي، ٽن ميچن جي سيريز 0-2 تان پروٽيز کٽي ورتي، نيوزيلينڊ ٽيم جي ڪپتان برينڊن ميڪولم ٽاس کٽي اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پروٽيز ٽيم اڳ ۾ کيڏندي 30.4 اوورز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنسون ٺاهيون، جنهن کان پوءِ شديد برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ميچ کٽڻ هارائڻ جي فيصلي کان سواءِ ئي ختم ٿي وئي، اهڙي طرح ٻنهي ٽيمن وچ ۾ جاري ٽن ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز 0-2 تان پروٽيز جي نالي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *