نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ پنجين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 23 جنوري تي کيڏي ويندي

ڊونيڊن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ست هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پنجين ميچ 23 جنوري تي ڊونيڊن ۾ کيڏي ويندي. ڪيويز کي ست ميچن جي سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل آهي. ڪيويز سريلنڪا کي پهرين ميچ ۾ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني، سريلنڪا جي ٽيم ڪم بيڪ ڪندي ميزبان ٽيم کي ٻين ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ميچ برسات جي نذر ٿي وئي هئي. چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان هارائي سيريز ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 1-2 جي سرسي حاصل ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *