نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ٻي ون ڊي ۾ (سڀاڻي) آمهون سامهون ٿينديون

هملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 7 هڪ ڏينهن وارين ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ (سڀاڻي) خميس تي هملٽن ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. ميزبان ٽيم پهرين ميچ ۾ آئلينڊرز کي دلچسپ مقابلي کان پوءِ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيوي اڳواڻ چيو ته پهرين ون ڊي ۾ ڪاميابي کان پوءِ ٽيم جو مورال بلند آهي. مخالف ٽيم کي ٻي ميچ ۾ پڻ شڪست ڏئي سيريز ۾ سرسي حاصل ڪري ڇڏينداسين. ٻئي پاسي سريلنڪا جي ڪپتان چيو ته پهرين ميچ ۾ رانديگرن سٺو مقابلو ڪيو پر قسمت اسنا جو ساٿ نه ڏنو، شڪست سبب اسان جا حوصلا گهٽيا ناهن، ٻي ميچ ۾ سيريز برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ميچ 17 جنوري تي، چوٿين 20 جنوري، پنجين ميچ 23 جنوري، ڇهين 25 جنوري جڏهن ته ستين ۽ آخري ميچ 29 جنوري تي کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *