نيوزيلينڊ پهرين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ 7 ون دي ميچن جي  سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي هيگلي اوول گرائوند ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو گهڻو فائديمند ثابت نه ٿيو ۽ مهيلا جي وردني کان علاوه ڪوبه سريلنڪن بيٽسمين ڪيوي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو سرينلڪا جي وردني جي 104 رنسن جي مدد سان 50 اوورن ۾ 9 رانديگرن جي نقصان تي 218 رنسون ٺآهيون نيوزيلينڊ طرفان ميڪ ڪلنگهن 4، ايڊم ملني 2 جڏهن ته نيٿن ميڪلم ۽ ڪوري اينڊرسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، سريلنڪا طرفان ڏنل 219 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ ڪوري اينڊرسن ۽ برينڊن مڪلم جي ففٽيز جي مدد سان 43 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، ڪوري اينڊرسن 81 جڏهن ته ميڪلم 22 بالن ۾ 51 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي سريلنڪا طرفان ڪولاسيڪرا، تلڪارتني دلشان ۽ سينانائڪي 2، 2 جڏهن ته ايرنگا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، نيوزيلينڊ جي ڪوري اينڊرسن کي شاندار آل رائوند ڪارڪردگي تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *