نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي آساني سان هارائي پهرين ميچ جي شڪست جو بدلو وٺي ڇڏيو

هراري (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي آساني سان هارائي پهرين ميچ جي شڪست جو بدلو وٺي ڇڏيو آهي، هراري ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي زمبابوي جي ٽيم سڪندر رضا جي سينچري جي مدد سان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 235 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ نيوزيلينڊ جي اوپنرن 43 اور ۾ ميچ پنهنجي نالي ڪري اپ سيٽ شڪست جو ڀرپور جواب ڏنو، نيوزيلينڊ جي اوپنر مارٽن گپٽل ۽ ليٿم زمبابوي بالرن کي ڪٽڪو ڏيندي سينچريون مڪمل ڪري ميدان ماري موٽيا، مارٽن گپٽل 11 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 116 ۽ ليٿم 7 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 110 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ جي ميچ کٽڻ سان گڏ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز هڪ هڪ تان برابر پڻ ڪري ڇڏي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *