نيوزيلينڊ ورلڊ ڪپ لاءِ حتمي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، نيشم ۽ هينري حيران ڪن طور اسڪواڊ مان ڊراپ

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ حتمي 15 رڪني ٽيم جو اعلان ڪيو آهي، آل رائونڊر گرانٽ ايلٽ کي هڪ سال بعد ٻيهر ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جمي نيشم ۽ ميٽ هينري کي حيران ڪن طور تي ڊراپ ڪيو ويو آهي، نيوزيلينڊ جي ٽيم کي گروپ اي ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، بنگلا ديش، افغانستان ۽ سريلنڪا سان رکيو ويو آهي، نيوزيلينڊ جي ٽيم 14 فيبروري تي سريلنڪا خلاف ميچ سان مهم جي شروعات ڪندي، ورلڊ ڪپ جي قيادت برينڊن ميڪ ڪولم ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ٽرينٽ بولٽ، گرانٽ ايليٽ، ٽام ليٿم، مارٽن گپٽل، مچل ميڪ لينا گهان، ميڪ ڪولم، ڪائل ملز، ايڊم ملن، ڊينيئل وٽوري، ڪين وليم سن، ڪوري اينڊرسن، ڪوري اينڊرسن، ليوڪ رونچي ۽ روز ٽيلر شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *