نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز): نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني انگلينڊ جو دورو ڪندي، جتي هو ٻه ٽيسٽ، 5 ون ڊي ۽ هڪ ٽي – ٽوئنٽي ميچ کيڏندي، نيوزيلينڊ جي ٽيم دوري جي شروعات سمر سيٽ خلاف 4 ڏينهن واري ٽور ميچ سان ڪندي، اها ميچ 8 کان 11 مئي تائين ٽائونٽن ۾ کيڏي ويندي، ڪيوي ٽيم پنهنجي ٻئين وارم اپ ميچ 14 کان 17 مئي تائين وارسيٽر شائر خلاف کيڏندي، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 21 کان 25 مئي تائين لنڊن جڏهن ته ٻئين ٽيسٽ 29 مئي کان 2 جون تائين ليڊز ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 9 جون تي برمنگهم، ٻين ون ڊي 12 جون تي، ٽئين 14 جون تي سائوٿمپٽن، چوٿين ون ڊي 17 جون تي نوٽنگهم جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 20 جون تي چيسٽمرلي اسٽريٽ ۾ کيڏي ويندي، دوري ۾ شامل واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ 23 جون تي مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *