نيوزيلينڊ جي خلاف ڪارڪردگي شاندار رهي: وجاهت الله

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سليڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبر موجاهت الله واسطي چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي خلاف ميچ ۾ قومي رانديگرن جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ ميچن لاءِ پاڪستاني ٽيم کي وڌيڪ جذبي سان ميدان ۾ اچڻ کپي. گذريل ڏينهن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني رانديگرن نيوزيلينڊ خلاف ٽين ميچ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 264 رنسون ٺاهيون. پهرين ستن اوورن ۾ ٻنهي اوپنرن چوڌاري کيڏندي 60 کان به وڌيڪ رنسون ٺاهيون. هن چيو ته ميچ ۾ شاهد آفريدي، شهزاد احمد بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو. وجاهت الله چيو ته سيريز ۾ بالر سعيل اجمل ۽ محمد حفيظ جي کوٽ شدت سان محسوس ٿي رهي آهي. اميد آهي ته رولڊ ڪپ کان پهرين سندن بالنگ ايڪشن ڪليئر ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *