نيوزيلينڊ جو پاڪستان جي خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان

New-Zealand-Cricketويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستاني ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل ڪرڪيٽ سيريز 9 نومبر کان يو اي اي ۾ شروع ٿيندي، ان سلسلي ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پهرئين 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت برينڊن ميڪ ڪليم کي ٽيم جو ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته فاسٽ بالر ڊگ بريسويل جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ سليڪشن ڪميٽي پاران اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ برينڊن ميڪ ڪليم (ڪپتان)، هميش ردفورڊ، ٽام ليٿم، ڪين وليمسن روس ٽيلي، ڪوري اينڊرسن، بي جي وئلنگ، لوڪ رونچي، جمي نيشم، مارڪ ڪريگ، ٽم سائوڊي، ڊگ بريسويل، نيل، ويگز، ٽرينٽ بولٽ ۽ ايش مودي شامل آهن، واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز نومبر ۾ گڏيل عرب امارات ۾ کيڏي ويندي، . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 9 کان 13 نومبر تائين ابوظهبي. ٻي 17 کان 21 نومبر تائين دبئي، جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ 26 کان 30 نومبر تائين شارجا ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *