نيوزيلينڊ بورڊ پريزيڊنٽ اليون ٻئين وارم اپ ميچ ۾ به پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي

لنڪولن(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ بورڊ پريزيڊنٽ اليون ٻئين وارم اپ ميچ ۾ به پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ نيوزيلينڊ پهچندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ٻئين ٽوئر ميچ ۾ به نيوزلينڊ بورڊ پريزيڊنٽ اليون هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪئي پر معمول مطابق پاڪستان جا شروعاتي بيٽسمين سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ اوپنر محمد حفيظ صرف 18 جڏهن ته سرفراز احمد بغير ڪا رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، يونس خان، صهيب مقصود ۽ حارث سهيل به اسڪور ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪري سگهيا، هڪ ڀيرو ٻيهر ڪپتان مصباح الحق ۽ عمر اڪمل ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ ٻنهي رانديگرن وچ ۾ ڇهين وڪيٽ لاءِ 116 رنسن جي پارٽنرشپ ٿي، عمر اڪمل 77 جڏهن ته مصباح الحق 88 رنسون ٺاهيون پاڪستان مقرر اوورن ۾ 267 رنسون ٺاهيون نيوزيلينڊ بورڊ پريزيڊنٽ اليون مائيڪل پولارڊ جي شاندار 153 رنسن سبب 268 رنسن جو گهربل هدف 9 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ پورو ڪري ورتو پاڪستان طرفان محمد عرفان ۽ بلاول ڀٽ ي3، 3 جڏهن ته سهيل خان 81 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ هڪ وڪيٽ ياسر شاهه جي حصي ۾ آئي آءِ سي سي طرفان شڪي ايڪشن سبب پابندي جو شڪار محمد حفيظ به 7 اوور ڪيا جڏهن ته ڪابه وڪيٽ نه ملي سگهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *