مٿي ۾ بائونسر لڳڻ سبب زخمي ٿيل آسٽريليائي بيٽسمين فلپ هيوز لاڏاڻو ڪري ويو

سڊني(اسپورٽس نيوز) 2 ڏينهن اڳ ميچ دوران مٿي ۾ بائونسر لڳڻ سبب زخمي ٿيل آسٽريليائي بيٽسمين فلپ هيوز خميس تي صبح جو سڊني جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي کان پوءِ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ قومي جهنڊو جهڪايو ويو ۽ سڄي دنيا مان ڪرڪيٽ جي تنظيمن ۽ شوقينن سندس موت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پي ٽي وي مطابق کاٻي هٿ سان کيڏندڙ آسٽريليائي بيٽسمين فلپ هيوز 25 نومبر تي شيفيلڊ شيلڊ ٽورنامينٽ دوران فاسٽ بالر سين ايبٽ جو بائونسر مٿي تي لڳڻ سبب بي هوش ٿي ڪري پيو هو. اهو واقعو نيو سائوٿ ويلز ۽ سائوٿ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيل ميچ دوران پيش آيو. فلپ گذريل ٻن ڏينهن کان سڊني جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. 25 سالن جي فلپ هيوز 26 ٽيسٽ ميچن، 25 ون ڊي ميچن ۽ هڪ ٽي-20 ميچ ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. هن 26 ٽيسٽ ميچن ۾ ٽي سينچريون ۽ ففٽين جي مدد سان 1535 رنسون ٺاهيون. سڊني جي سينٽ ونسنٽ اسپتال جي ڊاڪٽرن فلپ هيوز جي لاڏاڻي بعد هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته فلپ هيوز جو موت دماغ کي شديد ڌڪ لڳڻ سبب برين هيمرج سبب ٿيو. سندس دماغ تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري آپريشن ڪيو ويو پر هو بچي نه سگهيو ۽ بي هوشي جي حالت ۾ ئي هن پساهه پورا ڪيا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان فلپ هيوز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *