ميچ فڪسنگ جي ڏوهه ۾ مڙهيل پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ عامر جي اڄ نيشنل اسٽيڊيم ۾ واپسي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ سي سي پاران پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ فاسٽ بالر محمد عامر آچر تي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ايڪشن ۾ نظر آيندو هو آچر کان شروع ٿيندڙ پيٽرنز ٽرافي گريڊ ٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 4 ڏينهن واري فائنل ۾ ڪي پي ٽي خلاف عمر ايسوسئيشن جي ٽيم جو حصو هوندو ميچ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهچندڙ محمد عامر جمعي جي صبح نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ نيٽ پريڪٽس ۾ شريڪ ٿيو اسپاٽ فڪسنگ جي ڏوهه ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تي 5 سالن جي پابندي مڙهيندڙ آءِ سي سي عامر کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ڏوهه قبول ڪرڻ تي برطانوي عدالت پاران 6 مهينن جي قيد جي سزا حاصل ڪندڙ محمد عامر فائنل جي ٻئين ڏينهن سومر تي پنهنجي 23 هين سالگرهه به ملهائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *