ميچون دير سان شيڊول ڪيون وڃن:اعصام الحق پاران ومبلڊن انتظاميا کي درخواست

(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق گوڏي جي انجري جو  شڪار ٿي ويو آهي. جنهن سبب سندس ومبلڊن چيمپيئن شپ ۾ شرڪت غير يقيني ٿي وئي آهي. اعصام الحق ناٽنگهم اوپن دوران گوڏي جي انجري جو شڪار ٿي ويو هو. جنهن سبب کيس ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل تان هٿ کڻڻو پئجي ويو هو. اعصام الحق جي شروعاتي ٽيسٽ ۾ ڪنهن وڏي انجريءَ جو خطرو ته ٽري ويو آهي، پر اڃا به ڪجهه ٽيسٽون باقي اٿس، جنهن کان پوءِ ئي سندس ومبلڊن چيمپئين شپ ۾ شرڪت جو آخري فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب اعصام الحق ومبلڊن انتظاميا کي درخواست ڪئي آهي ته سندس ميچون دير سان شيڊول ڪيون وڃن، جيئن ميچن کان پهريان سندس فٽنس بحال ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *