مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن پاڪستان ۾ امن ضرور ٿيندو؛ باڪسر عامر خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان پشاور سانحي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پشاور سانحي تي تمام گھڻو ڏک ٿيو آهي. هي اهڙو واقعو آهي جنهن کي وساري نٿو سگھجي. داتا درٻار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن پاڪستان ۾ امن ضرور ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ خوبصورت ۽ محفوظ ملڪ آهي، ان جهڙو ملڪ ڪٿي به ناهي. ان موقعي تي عامر خان پاڪستان ۾ باڪسنگ اڪيڊمي ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ تمام گھڻو ٽيلنٽ آهي بس انهن کي پليٽ فارم جي ضرورت آهي.  ٻئي پاسي عامر خان جي اعلان کانپوءِ عامر خان ۽ پنجاب اسپورٽس بورڊ وچ ۾ باڪسنگ اڪيڊمي ٺاهڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت نامي تي صحيحون ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ ايندڙ سال جولاءِ تائين پاڪستاني ٻارن کي باڪسنگ جي تربيت ڏيڻ لاءِ اڪيڊمي ٺاهي ويندي. پنجاب جي راندين واري صوبائي وزير رانا مشهود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عامر خان چيو ته هتان جا ماڻهو راند دوران منهنجي تمام گھڻي سپورٽ ڪندا آهن. هتي ٽيلنٽ موجود آهي ۽ ايندڙ پنجن سالن تائين پاڪستان ۾ باڪسنگ راند کي اهم حيثيت ڏياريندس. هن چيو ته هن اڪيڊمي ۾ هر ان ٻار جي آجيان ڪئي ويندي جيڪو باڪسنگ سان دلچسپي رکي ٿو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *