موجوده ٽيم جي سليڪشن صحيح نه ڪئي وئي؛ اڳوڻو ڪپتان جاويد ميانداد

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين جاويد ميانداد جو چوڻ آهي ته موجوده ٽيم جي نيوزلينڊ جي ٽيم خلاف سيريز ۾ ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ ثابت ٿي آهي. ڪراچي۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هوته موجوده ٽيم جي سليڪشن صحيح نه ڪئي وئي. هن چيو ته ٽيم ۾ اسٽار رانديگر شامل آهن، پر ڪيوي ٽيم خلاف ڪٿي به پلانگ نظر نه آئي، ايندڙ ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن بيٽسمينن کي زميواري جو مظاهرو ڪرڻُو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي لاءِ ٽيم جي سليڪشن صحيح نه ڪئي وئي. هن چيو ته هو پاڪستاني هجڻ ڪري ٽيم جي حق ۾ دعا ڪري سگهي ٿو باقي جهڙي ڪارڪردگي جو مظاهرو ٽيم نيوزلينڊ خلاف سيريز ۾ ڪيو آهي، ان بعد ميگا ايونٽ م ڪاميابي حاصل ڪرڻ مشڪل نظر اچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *