مهيندرا سنگهه ڌوني پنهنجي ڌيءُ زيوا جي تصوري جاري ڪري ڇڏي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني پنهنجي ڌيءُ زيوا جي تصوري جاري ڪري ڇڏي، ڀارتي ويب سائيٽ انڊيا ڊاٽ ڪام موجب ڌونيءَ جي ڌيءُ سان به ٽنڊولڪر ۽ شاهه خان جي ٻارن جهڙِي حالت آهي، حالت ان ڪري جو شاهه رخ  جو پٽ ابراهم خان ۽ ٽنڊولڪر جي ٻارن ارجن ۽ سارا ٽنڊولڪر جي ذاتي زندگي بابت ماڻهن جي وڌندڙ دلچسپيءَ کين پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان ڌوني ڪجهه  ڏينهن اندر بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ وڃي رهيو آهي، پر ان کان اڳ هن زال ساڪشي ۽ ڌيءُ زيوا سان وقت گذارڻ پسند ڪيو. هن ٻنهي ماءُ ڌيئن جي تصورير جاري ڪئي، جيڪا وائرس جيان پکڙجي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *