مهندرا سنگهه ڌوني سريلنڪا خلاف سيريز جون شروعاتي ٽي ون ڊي ميچون نه کيڏندو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ اڳ ۾ ئي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني آرام سبب سيريز جي شروعاتي ٽن ميچن ۾ شرڪت نه ڪندو، سندس جاءِ تي ويرات ڪوهلي کي قيادت جي ذميواري ڏني وئي آهي، واضح رهي ته بورڊ سان معاوضن جي تڪرار تي ويسٽ انڊين ٽيم گذريل هفتي ڀارتي دورو اڌ ۾ ڇڏي وطن واپس موٽي وئي هئي، جنهن جي متبادل طور سريلنڪا جي ٽيم ايندڙ مهيني ڀارت جو دورو ڪندي، جتي هو ميزبان ٽيم سان پنج ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *