مهندرا سنگهه ڌوني سريلنڪا خلاف سريز جون شروعاتي 3 ون ڊي ميچون نه کيڏندو، ويرات ڪوهلي ٽيم جي اڳواڻي ڪندو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ مشهور وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مهندرا سنگهه ڌوهي آرام ڪرڻ سبب سيريز جي شروعاتي ٽن ميچن ۾ شرڪت نه ڪندو، ان جي جاءِ تي ويرات ڪوهلي کي قيادت جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن، واضح رهي ته بورڊ سان معاوضي جي تڪرار تي ويسٽ انڊين ٽيم گذريل هفتي ڀارتي دوري کي اڌ ۾ ڇڏي وطن واپس موٽي وئي هئي، جنهن جي متبادل طور تي سريلنڪا جي ٽيم ايندڙ مهيني ڀارت جود ورو ڪندي، جتي هو ميزبان ٽيم سان پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *