ممبئي حملي جيان واقعو نه ٿيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي 4 هوم سيريز کيڏندي: شهريارخان

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته ممبئي حملي جهڙو واقعو نه ٿيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي چار هوم سيريز لاءِ کيڏندي. عامر سان خصوصي ورتاءَ نه پيو ٿئي هڪ ڏوهه جون ٻه سزائون نه هئڻ گهرجن هڪ انٽرويو ڏيندي شهر يار خان چيو ته منهنجي ان بابت سرينواسن سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي هن چيو ته اڄ تائين هي سيريز شيڊول آهي ۽ جيڪڏهن ڪوئي ٻيو واقعو نه ٿيو ته ايندڙ سال ڀارتي ٽيم ان سلسلي ۾ پاڪستان جي خلاف پهرين سيريز کيڏندي هن چيو ته حگفور جو ڪوئي وجود نه آهي پر بگ ساڍا ٽي آهي ڀارت آسٽريليا ۽ انگلينڊ کان پوءِ پاڪستان جو ٻن سالن لاءِ اڌ حصو هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *