ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جلد بحال نه ٿي ته بچيل ٽيلنٽ به ختم ٿي ويندو: وقار يونس

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ وقار يونس جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جيڪڏهن پاڪستاني ڪرڪيٽ کي بچائڻو آهي ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي معياري بڻائڻو پوندو ته جئين رانديگر جڏهن عالمي ڪرڪيٽ ۾ اچن ته هو ٻين ٽيمن جو اعتماد سان مقابلو ڪري سگهن ڪوچ مطابق ٽيم پنهنجي ڪنڊيشنز ۾ سٺو کيڏندي آهي پر جڏهن بيٽسمين ٻاهر جي ڪنڊيشنز ۾ وڃي کيڏندو آهي ته هو پاڻ کي تمام پوئتي ڏسندو آهي خاص طور تي بيٽسمين کي سيم، سوئنگ ۽ بائونس تي چڱي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اڳوڻي ڪپتان چيو ته بورڊ کي اهڙا بيٽسمين ڳولڻا پوندا جيڪي 300 رنسن تائين اسڪور کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندا هجن، هن چيو ته 1992ع ۾ پاڪستاني ٽيم عالمي ڪپ کان 6 هفتا اڳ آسٽريليا پهتي هئي ۽ ان کي انهن ڪنڊيشنز بابت ڄاڻن جو سٺو موقعو مليو هو قومي ڪوچ پاڪستاني ٽيم جي ورلڊ ڪپ ڪوارٽر فائنل کان اڳتي نه وڌڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو وقار يونس چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جيڪڏهن گهڻي عرصي تائين ٻهال نه ٿي ته اهو ڊپ آهي ته بچيل ٽيلنٽ به ختم ٿي ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *