معين خان جي طبيعت ناساز ٿي پئي چيئرمين پي سي بي سان ملاقات ملتوي (اڄ وضاحت پيش ڪندو

لاهور (اسپورٽس نيوز) جوئا جي اڏي تي وڃڻ کان پوءِ وطن واپس گهرايا قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر معين خان جي طبيعت ناساز ٿيڻ سبب چيئرمين پي سي بي سان ملاقات ملتوي ٿي ويئي اڱاري تي ملاقات۾ معين خان جوئا جي اڏي تي وڃڻ تي چيئرمين پي سي بي کي پنهنجي وضاحت ۾ پيش ڪندو چيئرمين پي سي بي شيريارخان قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر معين خان کي جوئا جي اڏي تي وڃڻ تي وضاحت لاءِ سومر جي ڏينهن گهرايو هو پر معين خان جي اوچتو طبيعت خراب ٿي پئي جنهن کان پوءِ پي سي بي عملدارن جو چوڻ آهي ته چيئرمين پي سي بي ۽ چيئرمين سليڪٽر جي اڄ ٿيندڙ ملاقات هاڻي اڱاري تي ٿيندي. ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي خلاف اهم مئچن کان اڳ معين خان پنهنجي گهرواري ۽ دوستن سان گڏ جوئا جي اڏي تي ويو هو جتي هڪ پاڪستاني جوڙي ان جون تصويرون ڪڍڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيون هيون جنهن کان پوءِ چيئرمين شيريارخان ٽيم مئنيجر نويد اڪرم چيما کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *