معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي 4 ملڪي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اسلام آباد ۾ کيڏيو ويندو

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل فار فزيڪلي چئلينج ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن فار فزيڪلي هينڊي ڪيپ جي چيئرمين راجا عمران حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن فار فزيڪلي هينڊي ڪيپ جي انتظام هيٺ 3 ڊسمبر تي معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي 4 ملڪي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اسلام آباد ۾ کيڏيو ويندو. جنهن ۾ پاڪستان سميت ڀارت، افغانستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون حصو وٺنديون. هن چيو ته ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙ پرڏيهي ٽيسٽ ۾ باقاعده دعوت موڪلي وئي آهي ۽ پرڏيهي ٽيمون نومبر جي آخري هفتي تائين پنهنجي شرڪت بابت جواب ڏينديون. ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو

683pak-football-app2608

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *