مصباح الحق انٽرنيشنل ٽيمن کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ مدد جي اپيل ڪري ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق انٽرنيشنل ٽيمن کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ مدد جي اپيل ڪندي انهن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. ڀارتي ويب سائيٽ اين ڊي ٽي وي سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته زمبابوي جي پاڪستان اچڻ سان سڄي دنيا ۾ هر ڪنهن کي واضح پيغام ويو آهي ته پاڪستاني قوم ڪرڪيٽ کان ڌار نٿي رهي سگھي. هن چيو ته ڇهن سالن جي ڊگھي عرصي کان پوءِ به عوام ڪرڪيٽ سان محبت ڪري ٿو ۽ هاڻي به انهن ۾ اهو ئي جو ش ۽ جذبو آهي.  مصباح الحق ڪرڪيٽ کيڏندڙ سمورن ملڪن کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته هر قوم خاص طور تي ڪرڪيٽ کيڏندڙ قومن کي پاڪستان اچي اسان جي مدد ڪرڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *